ڄام صديق ابڙو

ڄام صديق ابڙو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”صديق ابڙو'>ڄام صديق ابڙو ڪلهوڙن جي مريدن مان هو، ميان الياس کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان شاهه علي عرف ميان شاهل محمد اڳواڻ بڻيو. گادي تي ويهڻ سان مريدن ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ميان شاهل محمد جي حڪمن تي مريد پوکي راهيءَ کي وڌائڻ لڳا، لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه سندس کوٽايل آهي. هن واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين سانگي ۽ ابڙا برادري کان حاصل ڪري پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي. پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ان صورتحال ۾ صديق ابڙو'>ڄام صديق ابڙو ۽ جلال خان ابڙو ميان شاهل جي مريدي ڇڏي هليا ويا ۽ ٻين زميندارن سان گڏجي بکر جي نواب کي دانهن ڏنائون ۽ ڄام صديق ابڙي بکر جي نواب جي مدد سان ميان شاهل محمد کي قتل ڪرائي ڇڏيو.


لفظ ڄام صديق ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو